بابا جتي بخش

بابا جتي بخش: بابا جَتِي بخش طور مشھور هي ڪلاڪار، ناچ جو بھترين ڄاڻو ٿي گذريو آهي. سندس تعلق شام چوراسي گهراڻي سان هو ۽ هن جو جنم حيدرآباد، سنڌ ۾ ٿيو. کيس طبلي، ڍولڪ ۽ لئي ڪاريءَ تي تمام گهڻو عبور حاصل هو. ناچ ۾ اُن دور جي مشهور ناچڻي صفيه کي محنت ۽ ڪَلا جا گُر هن سيکاريا هئا. طبلي ۽ لئي ڪاريءَ ۾ هن غلام محمد عرف غلامون ماڙيچي کي طبلي وڄائڻ ۾ اهڙو ته ڀڙ ڪري ڇڏيو، جو جڏهن ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي شروعات ٿي ته غلامون هتي ملازم جي حيثيت ۾ مقرر ٿيو. بابا جَتِي بخش نفيس مزاج ۽ موسيقيءَ جو به وڏو ڄاڻو هو. پاڻ بي اولاد ئي حيدرآباد سنڌ ۾ وفات ڪئي. سندس تفصيلي سوانح جي ڄاڻ نه ٿي پوي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو